درگاهه خوش خير محمد فقير

درگاهه خوش خير محمد فقير

درگاهه خوش خير محمد فقير

درگاهه خوش خير محمد فقير: هيءَ درگاهه ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. مقبري تي سٺو ڪم ٿيل آهي. هن بزرگ لاءِ تاريخي تذڪرن ۾ اچي ٿو ته هيءُ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي سان گڏ پنجاب جي شهر ساهيوال مان سنڌ آيو ۽ هتي ئي مقيم ٿيو. سال 1294هه ۾ ٽڳڙن جي شهر ۾ وفات ڪيائين، جتي کيس امانت طور دفن ڪيو ويو هو. بعد ۾ سندس مڙهه هتي آندو ويو. هيءُ سرائيڪي ڪافيءَ جو وڏو شاعر ڪري مڃيو وڃي ٿو (وڌيڪ ڏسو: خوش خير محمد، جلد چوٿون). درگاهه/ مقبري تائين پهچڻ لاءِ مين روڊ کان ننڍو رستو نڪري ٿو، جنهن تي وڏي گيٽ ٺاهي وئي آهي، جنهن تي خوش خير محمد فقير جي مشهور ڪافي ’ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا، ڏاڍا لائق ڪيتئي لِيئي پاوڻ دا‘ اڪريل آهي. مقبرو ويجهڙائيءَ جي دؤر ۾ ٺهيل معلوم ٿئي ٿو. مقبرو رٿ ۾ چورس آهي، جنهن ۾ ورانڊو ۽ هڪ حجرو شامل آهن. عمارت پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان اوساريل آهي. ورانڊي کي ٽن ونگدار لنگهه ۾ کليل لنگهه آهن. ورانڊي ۽ مقبري جي حجري کي ٻنهي طرفن کان هڪ هڪ دري ڇڏيل آهي. ٻيڙٻني تي جديد لائيٽون لڳل آهن. گول گنبذ جي مٿان ڪوڻي جي ابتي گل تي ڪلسو ۽ ان مٿان نيل لڳل آهي. ڳچ ۽ گول گنبذ کي الڳ ڪرڻ لاءِ ٻيڙٻني وانگر ڪنار ڏني وئي آهي. ڳچ به ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هيٺيون حصو اٺن ڪنڊن ۾ آهي، جنهن ۾ هڪ ڇڏي ٻئي ۾ کسي محراب ٺهيل آهن، جڏهن ته ان جي مٿان اٺ جوڙ ڪنڊون ڏئي سورنهن ڪنڊو ڪري مٿس گنبذ رکيو ويو آهي. مٿين ڳچ ۾ هوائوڻا ڇڏيا ويا آهن. وڏي گنبذ جي مقابلي ۾ نيل تمام ننڍي آهي. مقبري جي اڳياڙي ۾ ورانڊي جي پانيلن جو رنگ نيرو آهي، جڏهن ته باقي مقبرو گهڻو ڪري سائي رنگ جو آهي. اندر ڪل 4 قبرون آهن. وڏي قبر جنهن تي وڏي مولهه رکيل آهي، سا خوش خير محمد جي آهي. باقي قبرون سندس ڀائرن شير محمد، مير محمد، عرض محمد وغيره جون آهن. ٻاهر به درگاهه جي سامهون ۽ آسپاس جديد قبرون ٺهيل آهن. 21 کان 23 صفر تائين ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ صوفي ڪلام ڳايا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو